وزيراعظم هائوس کي پوسٽ گريجوئيٽ تعليمي ادارو بڻائڻ جو اعلان

اسلام آباد ( م ڊ) حڪومت وزيراعظم هائوس کي پوسٽ گريجوئيٽ تعليمي اداري ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ٻڌايو ته حڪومتن جي شاهاڻي طريقي کان ماڻهو پريشان آهن، ضروري آهي ته حڪمرانن جي رهڻي ڪرڻي ايئن هجي ته عوام جو پئسو ضايع نه ٿئي، ان جي لاءِ وزيراعظم پاڻ فيصلو ڪيو ته هو وزيراعظم هائوس ۾ نه رهندو ۽ گورنرز گورنر هائوسز ۾ نه رهندا.شفقت محمود چيو ته وزيراعظم هائوس هن وقت هڪ هزار 96 ڪينال تي ٻڌل آهي ۽ ان جو ساليانو خرچ 47 ڪروڙ آهي جڏهن ته مجموعي طور تي وزيراعظم ۽ گورنر هائوسز تي 115 ڪروڙ روپيا ساليانو خرچ ايندو آهي ان ڪري ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم هائوس کي اعليٰ درجي جو پوسٽ گريجوئيٽ تعليمي ادارو بڻايو ويندو، ان جي پويان زمين تي وڌيڪ اڏاوت به ڪئي ويندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے