ميٽرول بس سروس جي عالمي معيار جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( رپورٽ: زاهد ڪورائي) وفاقي ڪابينا پرڏيهي سرمائي ۽ اثاثن جي واپسي لاءِ ريڪوري يونٽ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 9 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ڪيڊ ڊويزن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وفاق ۾ صحت بابت معاملا وزارت نيشنل هيلٿ سروسز جي ماتحت ڪرڻ ۽ ملڪي ادارن ۾ ريگيوليٽري نظام جي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ  ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اورنج ٽرين سميت گذريل حڪومت جي سمورن ماس ٽرانزٽ منصوبن جي خاص آڊٽ ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي جنهن جي تحت راولپنڊي، لاهور، ملتان ۽ پشاور ميٽرو بس منصوبن جو عالمي معيار جي آڊٽ مان خاص آڊٽ ڪرائي ويندي. ذريعن موجب ڪابينا پرڏيهي سرمائي ۽ اثاثن جي واپسي لاءِ ريڪوري يونٽ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، ريڪوري يونٽ احتساب جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جي معاونت ڪندو. ذريعن ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستان نيوي ايڪٽ 1961ع ۾ ترميم ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس ۾ ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته لاهور ميٽرو بس تي حڪومت هر سال 4.2 ارب رپيا، راولپنڊي – اسلام آباد ميٽرو لاءِ 2 ارب رپيا ۽ ملتان جي ميٽرو تي به 2 ارب رپيا سبسڊي ڏيندي آهي، پنجاب حڪومت کي انهن ٽن منصوبن تي 8 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوندو آهي ۽ في الحال اندازو ناهي ته ڪيتري عرصي تائين پنجاب حڪومت اها وڏي رقم ادا ڪري سگهجي پر حڪومت طرفان اها سبسڊي نه ڏني وئي ته منصوبا بند ٿي ويندا. هن چيو ته پشاور جي ميٽرو منصوبي ۾ حڪومت کي ڪا سبسڊي نه ڏيڻي پوندي، ڇو ته اهي بسون حڪومت طرفان پاڻ خريد ڪيل آهن، جڏهن ته لاهور جون بسون ڪرائي تي ورتل آهن. لاهور ۾ تعمير هيٺ اورنج لائن ٽرين منصوبي جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته ان منصوبي لاءِ اندازو لڳايو ويو آهي ته حڪومت کي لڳ ڀڳ 3.5 ارب رپيا سبسڊي ڏيڻي پوندي. ڪابينا اجلاس جي حوالي سان سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گئس جي کوٽ سبب يوريا ڀاڻ جي پيداوار رُڪجي وئي آهي، اجلاس ۾ 15 نومبر تائين پنهنجي پلانٽن کي مڪمل گئس ڏيڻ جو فصيلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني ٽيلي ويزن جي بورڊ آف گورنرز جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ هارون شريف کي سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين بڻايو ويو ۽ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل کي به بورڊ ميمبرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي وي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين وزير هوندو، جڏهن ته اجلاس ۾ ڪيڊ وزارت ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊيم فنڊز جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته ڪابينا چيف جسٽس جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪيو ۽ فيصلو ڪيو آهي ته ڊيمز فنڊ جي رقم انڪم ٽيڪس ود هولڊنگ کان آجي هوندي. سندس چوڻ هو ته پگهار کڻندڙ طبقي جي ٽيڪس، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت خبرون بي بنياد آهن، ڪمزور طبقي جو ساٿ ڏيڻ اسان جو فرض آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے