خانگي اسڪول انتظاميا هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر ) خانگي اسڪولن جي انتظاميا سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وصول ڪيل فيس واپس ڪرڻ وارو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. خانگي اسڪولن جي انتظاميا فيسن ۾ گهٽتائي کان انڪار ڪندي تعليم کاتي کي تحريري طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. نجي اسڪولن طرفان تعليم کاتي کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان جا خرچ فيس گهٽ ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏين. خانگي اسڪولن جي مالڪن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٽن مهينن تائين سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن طرفان فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي کي غير قانوني قرار ڏنو هو، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ تعليم کاتي عدالتي حڪم تي عمل ڪندي اسڪولن کي فيسن ۾ 5 سيڪڙو واڌ واپس ڪرڻ يا ايندڙ مهيني جي فيسن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے