ڊيم جي مخالفن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون: چيف جسٽس

اسلام آباد  (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت ناهي ته سپريم ڪورٽ سياسي پارٽي ٺاهي، ڊيم جي مخالفن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون، هي سياسي نه پر بنيادي حقن جا ڪيس آهن، جيڪو عدالت کي بدنام ڪندو ان کي ائين نه ڇڏينداسين، جيڪو پاڪستان ۾ ڊيم نٿو ڏسڻ چاهي انهن جي ايجنڊا پوري ٿيڻ نه ڏينداسين.رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ ڊوڊوچا ڊيم اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت ناهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي، سياست ڪرڻي اٿئو ته ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ڪيو، ڊيم جي مخالفن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون، هي سياسي نه پر بنيادي حقن جا ڪيس آهن، جيڪو عدالت کي بدنام ڪندو ان کي ائين نه ڇڏينداسين، جيڪو پاڪستان ۾ ڊيم نٿو ڏسڻ چاهي انهن جي ايجنڊا پوري نه ٿيندي.ڪيس جي ٻڌڻي دوران آبپاشي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ڊيم زراعت کاتي کي تعمير ڪرڻا آهن، بحريا ٽائون اسان جي مالي مدد ڪري. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته بحريا ٽائون پنجاب حڪومت جو فنانسر ناهي، اصل اشو ڊيم تي ڪميشن جو آهي، جنهن ڪمپني ڊيم ٺاهيو ته ڪميشن نه ملندي، هر ڪم تي ڪميشن نه هجڻ گهرجي، ٿورو سوچو ته هي ٽيم ڊيم صوبي جي عوام لاءِ ڪيترو ضروري آهي.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پنجاب حڪومت ٽائيم فريم ڏئي ته ڪيستائين ڊيم ٺاهيندي، پنجاب جو وڏو وزير ٻڌائي ته ڊوڊوچا ڊيم ڪڏهن ٺهندو؟ ڇا پنجاب جي وڏي وزير کي ايندڙ ٻڌڻي تي سڏائي وٺون؟ عدالت پنجاب حڪومت کي پروپوزل ۾ ڊيم جي تعمير ۽ مڪمل ٿيڻ جو ٽائيم فريم ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے