مهانگائي جي طوفان جو امڪان، فنانس ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو

اسلام آباد ( رپورٽ: زاهد ڪورائي ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.رپورٽن مطابق پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت مالي سال 19_2018ع جي فنانس واري بل ۾ وڏيون ترميمون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت گذريل حڪومتي دور ۾ ٽيڪس مان ڇوٽ ڏيڻ واري معاملي ۾ پڻ ترميم ڪئي ويندي.ذريعن مطابق ن ليگ جي حڪومت 12 لک رپين تائين سالياني آمدني وارن کي ٽيڪس مان ڇوٽ ڏني هئي پر هاڻي وفاقي حڪومت ان حد کي گهٽ ڪري 8 لک تائين آڻيندي. ذريعن موجب فنانس ايڪٽ ۾ ترميمن ذريعي 800 ارب رپين جو واڌو روينيو حاصل ڪيو ويندو، حڪومت ترقياتي بجيٽ ۾ 400 ارب رپين جي گهٽتائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، جڏهن ته ايف بي آر ۾ ڪيترن ئي قدمن سان 400 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويندا.ذريعن مطابق مالياتي بل ۾ ترميمن جو مقصد بجيٽ ۽ تجارتي خسارو گهٽ ڪرڻ آهي. مليل ڄاڻ موجب حڪومت ٽيڪس روينيو وڌائڻ لاءِ فنانس بل ۾ تجويزون پيش ڪندي، جڏهن ته سمورين درآمدي شين تي هڪ سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي جي تجويز ڏني ويندي، جنهن سان حڪومت کي خاطر خواهه آمدني حاصل ٿيڻ جا امڪان آهن.ذريعن موجب 14 سپٽمبر تي قومي اسمبلي جو اجلاس ان ئي سلسلي ۾ طلب ڪيو ويو آهي، حڪومت ان اجلاس دوران ئي فنانس بل اسمبلي ۾ پيش ڪندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے