ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو پاڻي روڪي ڊيم ٺاهڻ ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ برابر آهي: وڏو وزير

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو پاڻي روڪي ڊيم ٺاهڻ سنڌ ۾ ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ برابر آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه مهينن دوران اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ ٿي آهي، نگران حڪومت ۾ پوليس ۽ امن امان بدران چونڊن تي زور ڏنو ويو، محرم الحرام کانپوءِ اهڙيون پاليسيون ٺاهبيون جو ڏوهن تي ضابطو اچي سگهي.هن چيو ته بلديا سانحي ۾ انسانيت سان ظلم ڪيو ويو، ملوث جوابدارن کي هر صورت ۾ سزا ملڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته  هر صورت ۾ ملڪي آئين تي هلڻو آهي، ملڪ ۽ صوبي کي ترقي ڏيڻي آهي، سنڌ کي امن جو آسٿان بڻايو ويندو.مراد علي شاهه واضح ڪيو ته اسان ڀاشا ڊيم جي ڪا مخالفت نه پيا ڪريون، رڳو اسان کي ان جي لوڪيشن تي اعتراض آهي، اهو سيسمڪ زون آهي، جتي پاڻي آهي ئي نه، اسان ڪٿان ڊيم ٺاهينداسين ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو پاڻي روڪي ڊيم ٺاهڻ سنڌ جي ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ برابر آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے