نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز هميشه لاءِ وڇڙي وئي

لنڊن ( م ڊ)  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي آهي.رپورٽن مطابق بيگم ڪلثوم نواز کي ڦڦڙن جو سنگين مسئلو ٿي ويو هو، گذريل رات ان جي طبيعت ويتر خراب ٿي وئي، جنهنڪري ڊاڪٽرن کيس ٻيهر وينٽيليٽر تي رکڻ جو فيصلو ڪيو پر سندس حياتي وڌيڪ ساٿ نه ڏنو ۽ هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي.نواز شريف جي ننڍي ڀاءُ شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حسين نواز بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي. خانداني ذريعن مطابق بيگم ڪلثوم نواز جي تدفين پاڪستان ۾ ئي ٿيندي ۽ جيئن ئي لنڊن ۾ مئجسٽريٽ ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ ملندو، مڙهه کي ڏيهه آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا ويندا.واضح رهي ته بيگم ڪلثوم نواز گذريل سال جون تي ڪينسر جهڙي موذي مرض جي علاج جي سلسلي ۾ لنڊن ۾ موجود هئي، جتي سندس ڪيتريون ئي ڪيمو ٿراپيز ٿي چڪيون هيون.بيگم ڪلثوم نواز 1950ع ڌاري ڊاڪٽر محمد حفيظ جي گهر ۾ جنم ورتو، هو رستم زمان گاما پهلوان جي پوٽي هئي. اپريل 1971ع ۾ سندس شادي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ٿي. بيگم ڪلثوم نواز کي 3 ڀيرا خاتون اول رهڻ جو اعزاز حاصل آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي ڏکويل ڪٽنب جي هر ممڪن سهڪار جي هدايت ڪئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے