آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ نواز شريف کي پيرول جي آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون

اسلام آباد ( رپورٽر ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري جي تدفين جي سلسلي ۾ کيس قانون موجب 12 ڪلاڪن لاءِ عارضي آزادي ملي سگهي ٿي. لنڊن ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي کانپوءِ نواز شريف جي پيرول تي آزادي جي معاملي تي بحث کانپوءِ سڌ سماءَ واري وزير بيان جاري ڪيو آهي ته قانون موجب نواز شريف کي جيڪا سهولت ڏئي سگهجي ٿي، اها ضرور ڏني ويندي. فواد چوڌري چيو ته ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي واري خبر پوڻ وقت وزيراعظم لوڪل گورنمينٽ بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ عمران خان ۽ ٻين بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو، هوءَ بهادر عورت هئي. سندس چوڻ هو ته قانون جي دائري ۾ رهي جيڪا به سهولت هوندي، اها نواز شريف کي ڏني ويندي، هو پيرول تي آزاد ٿئي ٿو ته حڪومت کي ڪو اعتراض نه هوندو. فواد چوڌري واضح ڪيو ته نواز شريف طرفان درخواست تي قانوني ڪارروائي ٿيندي، جيڪڏهن کيس پيرول تي آزادي ملي ته قانوني طريقي ڪار تي عمل ڪيو ويندو پر پيرول تي آزادي موجب جيل جو عملو گڏ هوندو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے