پاڪستان سي پيڪ رٿا بابت برطانوي اخبار جي خبر کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي صنعت ۽ واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪ – چين اقتصادي راهداري منصوبي بابت برطانوي اخبار جي خبر رد ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ لاءِ پاڪستان جو عزم پڪو پختو آهي. عبدالرزاق دائود برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو بابت وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته سي پيڪ منصوبي جي حوالي سان تازي انٽرويو جا ڪجهه حصا حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته چيني پرڏيهي وزير جي دوري ۾ اسٽريٽيجڪ سهڪار جاري رکڻ ۽ سي پيڪ منصوبن کي پورو ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو ۽ ان منصوبي جي حوالي سان پاڪستان جو عزم پڪو پختو آهي. عبدالرزاق دائود چيو ته چين کي آگاهه ڪيو ويو ته سي پيڪ اسان جي قومي ترجيح آهي، جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير وانگ زي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ان منصوبي جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪ – چين لاڳاپا اڻٽٽ آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ راهداري منصوبي جي مستقبل بابت مڪمل هم آهنگي آهي.ٻي طرف چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي راهداري منصوبي جي رفتار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. چيني پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي مستقبل ۽ سهڪار جي ڳولا ڳالهين سان ڪئي ويندي ۽ ان منصوبي تي ڳالهيون پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترجيحن تي ٿينديون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته پرڏيهي وزير وانگ زي جي پاڪستان جي دوري جو مقصد روايتي دوستي بابت آهي. چيني پرڏيهي وزارت موجب چين قومي مفادن جي موجب دهشتگردي جي جنگ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو رهيو آهي. ٻنهي ملڪن دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌيڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے