سنڌ ۾ تعليم جي حالت انتهائي خراب آهي، روئڻ ٿو اچي: سردار شاهه

ڪراچي  ( رپورٽر )  تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته بدقسمتيءَ سان تعليمي شعبي سان لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي ترجيحن ۾ شاگرد ڪڏهن به ناهن رهيا، ۽ جنهن ڏينهن کان اسان جي ترجيح ۾ ٻارن جو مستقبل شامل ٿيندو تڏهن ئي تعليم جي ميدان ۾ بهتريءَ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. استادن جي مقرري انهن جي ڊوميسائل جي بنياد تي ٿيندي. استاد پنهنجي سهولت لاءِ ٽرانسفر ڪرائي شهرن ۾ اچي وڃن ٿا جنهن ڪري ڳوٺن جا اسڪول ۽ ڪاليج ويران ٿي وڃن ٿا.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ تعليم کاتي جي ڪاليج ايجوڪيشن پاران ڪوٺايل سيمينار “ايڪسيلينس ان ڪاليج ايجوڪيشن” جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ سيڪريٽري ايجوڪيشن پرويز احمد سيهڙ، آر ڊي ڪاليجز ۽ صوبي جي سمورن ڪاليجز جي پرنسيپالز شرڪت ڪئي.سيمينار کي خطاب ڪندي تعليم واري وزير چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي حالت انتهائي خراب آهي مونکي ته روئڻ ٿو اچي. ورهاڱي کان اڳ سنڌ تعليمي ميدان ۾ پوري خطي ۾ اڳواڻي ڪندي هئي. سنڌ جا ٻار انگريز دور ۾ ممبئي ڏانهن مقابلي لاءِ ويندا هئا. هن چيو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ تعليمي ميدان ۾ ڊائون فال آيو  ۽ شايد سنڌ کي جمهوري جدوجهد جي سزا ڏني وئي. ڇوته هن دور ۾ سنڌ ۾  اڻپڙهيل استاد ڀرتي ڪيا ويا. هن چيو ته ان کان پوءِ جيڪي به حڪومتون آيون پر اسان هن سسٽم کي روڪي نه سگهياسين. اسان هينئر به گلوبل پريشر ۾ اچي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ سوچڻ شروع ڪيو آهي.تعليمي واري وزير سيد سردار علي شاه چيو ته اسان جي ترجيحن ۾ ٻار شامل ناهن رهيا ۽ اسان جيستائين ٻارن کي پنهنجي ترجيح ۾ شامل نٿا ڪريون تيستائين تعليمي ميدان ۾ بهتري نٿي اچي سگهي. هن چيو ته اسان جتي پڙهياسين اسان انهن اسڪولن ۽ ڪاليجز کي وساري ڇڏيو آهي، ڳالهه اونرشپ/مالڪي جي آهي، جڏهن اسان ڳوٺن جي اسڪولن ۽ ڪاليجز کي مالڪي ڪنداسين تڏهن ئي بهتري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته مان پاڻ سرڪاري ڪاليج ۾ پڙهيو آهيان، نه ڪي ڪنهن ايليٽ ڪاليج ۾ .  هن چيو ته اسان جي ڪاليجز ۾ معلوماتي سيشنز ۽ ٻيون سرگرميون ٿينديون هيون جيڪي هاڻ نه پيون ٿين. هن چيو ته اڄ امير ماڻهو پنهنجي ٻارن لاءِ اليٽ اسڪول ڳولهي رهيا آهن جڏهن ته غريب شاگرد سرڪاري ڪاليجز ۾ ئي پڙهن پيا. ميڊيا پاران پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سيد سردار علي شاهه چيو ته اسان نجي سيڪٽر کي روڪي نٿا سگهون پر انهن کي هرحال ۾ قانون تحت ڪم ڪرڻو پوندو.  هن چيو ته جڏهن اسان سوسائٽي کي ڊليور ڪنداسين تڏهن ئي سوسائٽي اسان جي مڃتا  ڪندي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪيمبريج جي سليبس جي پوئواري ڇو ڪريون ٿا، ڇا اسان پنهنجو نصاب تيار ڪري نٿاسگهون؟ چين ته ڪيمبريج جو نصاب ناهي پڙهائيندو، اسان کي پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب جي عڪاسي ڪندڙ نصاب تيار ڪرڻو پوندوميڊيا سان ڳالهائيندي تعليم واري وزير چيو ته تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر عام آهي اسان کي هر حال ۾ ان کي روڪڻو پوندو. تعليمي بورڊن ۾ مارڪون وڌائڻ جي شڪايت آهي جيڪا غريب شاگردن سان سراسر زيادتي آهي.هن چيو ته مان وزير نه بلڪه مئنيجر ٿي ڪري ڪم ڪندس ۽ اسان کي حڪمرانن يا آفيسرشاهي جو نه پر عوامي خدمت جو رويو اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پوري صوبي جو مان پاڻ دورو ڪندس ۽ سسٽم ۾ بهتري آڻي پنهنجي موبائل فون تي استادن جي بايوميٽرڪ خود چيڪ ڪندس. سيمينار کي وڌيڪ خطاب ۾ مقررين چيو ته استادن کي تربيت ۽ پروفيشنل ڊولپمينٽ جي اشد ضرورت آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجز کي لرننگ اسپيس ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. پيڊاگاجي تي بلڪل به توجه نٿي ڏني وڃي. ڪلاسز کي انٽرايڪٽو بنائڻ بيحد ضروري آهي ڇوته هڪ طرفي ليڪچرن سان  15، 20 منٽن ۾ ئي شاگرد  بور ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته شاگردن کي سکڻ جي عمل ۾ شريڪ ڪرڻو پوندو ۽ ٽيڪنالاجي، انٽرنيٽ ۽ موبائل ايپليڪيشنز ذريعي پڙهائڻ جي عمل ۾ جدت آڻڻي پوندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے