Federal Minister for Finance, Revenue and Economic Affairs Asad Umar chairing a meeting of the Economic Coordination Committee of the Cabinet at Cabinet Division, Islamabad on September 10, 2018.

اقتصادي رابطا ڪميٽي پاران گئس جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد( رپورٽۡ زاهد ڪورائي) اقتصادي رابطا ڪميٽي فوري طور تي گيئس جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ گيس جي قيمتن واڌ ۾ واڌ واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ گيس جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي کي روڪيو ويو، گيس اگهن ۾ واڌ بابت اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪئي ويندي جڏهن ته قطئي فيصلو وزير اعظم عمران خان ڪندو، اقتصادي رابطا ڪميتي فيصلو ڪيو ته ملڪ جي سمورن ڀاڻ فيڪٽريونن پنهنجي پوري صلاحت موجب ڀاڻ پيدا ڪنديون،  ان کان علاوه  ڀاڻ فيڪٽرين کي 50 سيڪڙو مقامي گيس ۽ ايل اين جي ميسر ڪئي ويندي، ايل اين جي جو 50 سيڪڙو بل ڀاڻ ڪمپينن جڏهن ته 50 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي  اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ گيس جو سيڪٽر تباهه ۽ برباد آهي ان کان علاوه گيس جي چوري ۾ به واڌ ٿي رهي آهي،  گيس اگهن ۾ واڌ في الحال نه پئي ڪئي وڃي ان سلسلي ۾ سبسڊي جو نظام واضح ۽ تبديليون آنديون وينديون

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، 2 دهشتگرد به شامل

لنڊن ( م ڊ) انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے