54 ڪلاڪن اندر مڪمل گهر تيار ڪندڙ ”ڪاريگر“ روبوٽ

فرانس(ويب ڊيسڪ) فرانسيسي تعميراتي اداري هڪ اهڙو ڪاريگر ربورٽ ٺاهيو آهي جيڪو ٿري ڊي پرنٽنگ ڪندي پنجن ڄڻن لاءِ هڪ مڪمل گهر رڳو 54 ڪلاڪن ۾ تيار ڪري سگهي ٿو. ٽينڪالوجي جو عملي طور مظاهرو ڪندي روبوٽ 1022 مربع فٽ جو هڪ گهر تيار ڪيو آهي جنهن جي تياري ۾ ٻه ڏينهن ۽ ڇهه ڪلاڪ لڳا آهن. جڏهن ته ماهرن ان وقت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ان کي رڳو 33 ڪلاڪن تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. بيٽي پرنٽ ڪمپني اهڙو ٿري ڊي پرنٽنگ روبوٽ ٺاهيو آهي جيڪو عام گهرن کان 20 سيڪڙو  گهٽ خرچ ۾ انتهائي فائديمند گهر تيار ڪري سگهندو آهي. تجارتي طور تي ڪمپني فرانس جي شهر نانٽيس ۾ هڪ گهر تيار ڪري پنهنجي روبوٽ جو عملي مظاهرو ڪيو آهي. پهريون ٿري ڊي گهر جنهن ۾ هاڻ ماڻهو مستقل طور تي رهي سگهندا. ان عمل ۾ اهو روبوٽ هوريان هوريان زمين جي سطح کان ڀت کڻندو آهي، روبوٽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي پولي يوريٿين جي ٻن ۽ ڪنٽريڪٽ جي هڪ پرت سينڊوچ وانگر ٺاهيندو رهندو آهي. گهر مڪمل ٿيڻ بعد غسل خاني سميت پنج ڪمرا تيار ڪندو آهي. روبوٽ نوزل کان پولي يوريٿين شيونگ ڪريم وانگر خارج ٿيندو آهي جيڪو پکڙجندي پکڙجندي ڪنڪريٽ ۾ ملي ويندو آهي، ان ميٽريل سبب گهر فطري طور گرم يا سرد رهندو آهي، ۽ ٻاهرين گرمي، سردي کي روڪي سگهي ٿو.  روبوٽ سافٽ ويئر جي هدايت موجب ليزر شعاع جي رهنمائي ۾ پنهنجو ڪم ڪندو آهي. بيٽي پرنٽ جو خيال آهي ته ان ٽينڪالوجي سان گهرن جي تعمير ۾ وڌيڪ سولائي ۽ تمام گهٽ خرچ ايندو جيڪو هڪ نئون انقلابي قدم ثابت ٿيندو.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*