پي ايس او ۾ 63 ارب رپين جو اسڪينڊل، پنج آفيسر گرفتار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پي ايس او ۾ 63 ارب رپين جو ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، نيب ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ ڇاپا هڻي پنجن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب ڪروڊ آئل سپلاءِ  جو ٺيڪو اهڙي  ڪمپني کي ڏنو ويو جيڪا ان لاءِ ڪواليفاءِ نه ٿي ڪري، ڪمپني کان ڪنهن به قسم جو ايڊوانس نه ورتو ويو ۽ سپلاءِ شروع ڪئي وئي. اهڙي نموني ڪمپني کي 63 ارب رپين جو نقصان پهچايو ويو. نيب ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچڻ تي سي اي او ڪامران افتخار، جنرل مئنيجر ريٽيل ذوالفقار جعفري سميت پنجن آفيسرن کي گرفتار ڪيو آهي. جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ حاصل ڪيو ويندو، جوابدارن مان ٻن کي ڪراچي جڏهن ته ٻين کي اسلام آباد ۽ گلگت مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*