هرمن پريت ڪور ڪوڙي ڊگريءَ جو الزام رد ڪري ڇڏيو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي وومين ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان هرمن پريت ڪور پاڻ تي ڪوڙي ڊگري رکڻ جو الزام رد ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته مان سمورا  امتحان پاس ڪيا ۽ سرٽيفڪيٽ به قانوني آهي. هرمن پريت ڪور پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته نه مون سان پنجاب پوليس رابطو ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن نوٽيس ڏنو آهي، ان ڊگري تي مان ريلوي ۾ نوڪري ڪندي رهي آهيان، جڏهن ته هڪ ٻي يونيورسٽي ۾ ان ئي ڊگري جي بنياد تي پوسٽ گريجوئيشن لاءِ داخلا به ورتي هئي پر ڪرڪيٽ مصروفيتن سبب امتحان نه ڏئي سگهيس. هن چيو ته مان باقاعدي طور يونيورسٽي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ مواصلاتي ذريعي تعليم حاصل ڪندي رهيس. واضح رهي ته پنجاب پوليس ڪوڙي ڊگري جي الزام ۾ هرمن پريت ڪور کي ڊي ايس پي جي پوسٽ تان هٽائي ڪانسٽيبل بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.27

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*