نواز شريف ۽ مريم نواز جي اڊيالا جيل وڃڻ تي افسوس آهي: چوڌري نثار

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ناراض اڳواڻ چوڌري نثار علي چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي اڊيالا جيل وڃڻ تي افسوس ٿي رهيو  آهي. راولپنڊيءَ ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار علي چيو ته نواز شريف کي اڊيالا جيل پهچائڻ جي خبر اچي وئي آهي. هن چيو ته منهن جو مسلم ليگ ن سان 34 سالن کان آهي، مون کي اڄ افسوس ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته 12 کان 14ماڻهن مسلم ليگ ن ٺاهي پر پارٽي ٺاهيندڙ ماڻهو نواز شريف کان ڌار ٿي ويا آهن پر مان رڳو ساڻس گڏ رهيس. چوڌري نثار چيو ته اڄوڪي ڏينهن کان بچڻ لاءِ نواز شريف کي فوج ۽ عدليه سان ويڙهه نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو.  هن چيو ته الله ڪنهن دشمن کي به اڊيالا جيل نه ڏيکاري، قوم فيصلو ڪري ته ڇا نواز شريف کي غلط مشورو ڏنو هو.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*