مسلم ليگ ن چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندي: شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ ن عام چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اياز صادق، مشاهد حسين سيد، مشاهد الله خان ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. مسلم ليگ ن جي اجلاس ۾ نواز شريف جي گرفتاري ۽ مستقبل جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ ن ڀرپور انداز سان ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندي. هن چيو ته ڪالهوڪي ريلي مان ثابت ٿي ويو ته عوام مسلم ليگ ن سان گڏ آهي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*