مستونگ سانحي جي شهيدن جو انگ 131 ٿي ويو، بلوچستان ۾ سوڳ

مستونگ ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 131 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمي آهن.  مستونگ جي درينگڙ ويجهو بلوچستان عوامي پارٽي جي چونڊ مهم دوران آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جي ننڍي ڀاءُ سراج رئيساڻي سميت 128 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته 150 ماڻهو زخمي ٿيا. سراج رئيساڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. واقعي کانپوءِ امدادي ٽيمن ڌماڪي واري هنڌ تان زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 16 کان 20 ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو آهي. مستونگ ڌماڪي کانپوءِ ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن جڏهن ته نگران وڏي وزير علاوالدين مري مستونگ ۾ سراج رئيساڻي  تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر مستونگ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. مستونگ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل پي بي 35 مستونگ تان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي جي شهادت بعد تڪ ۾ چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پي بي 35 مستونگ ۾ چونڊ ضمني چونڊن سان گڏ ٿيندي. ڌماڪي سبب بلوچستان ۾ ٻن ڏينهن جو سوڳ ملهايو پيو وڃي جڏهن ته سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو جهڪيل آهي.  پاڪستان بار ڪائونسل طرفان مستونگ ۽ بنون سانحي تي ٻن ڏينهن جي سوڳ ۽ هڪ ڏينهن هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. يورپي يونين، آمريڪا ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*