فهد ۽ مهوش جي فلم”لوڊ ويڊنگ“ جو ٻيو اينيميٽڊ ٽيزر جاري

ڪراچي(شوبز نيوز ) جيڪڏهن توهان کي به ٻالڪپڻ ۾ وڏو ٿيڻ جو شوق هو ۽ وڏو ٿيڻ بعد  شادي ڪرڻ  جو شوق هو ته يقينن توهان کي به هي فلم”لوڊ ويڊنگ“ ضرور ڏسڻي پوندي. فلم والا پڪچر  ۽جيو فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ”لوڊ ويڊنگ“ جو ٻيو اينيميٽڊ ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن فلمن سان چاهه رکندڙ جي دلچسپي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ٽيزر ۾ ڏيکاريوويو آهي ته وڏو ٿيڻ بعد جڏهن شادي ڪرڻ جو شوق  ٿيندو آهي ته ضرور ناهي ته اهو شوق پورو ٿئي، ڪجهه ماڻهو ايترو”لوڊ“ هوندا آهن جو اهي ان ۾ دٻجي ويندا آهن. اهو ٽيزر فلم جي مرڪزي اداڪار فهد مصطفيٰ  پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيو ۽ ان سان گڏ لکيو ته فلم ٺاهڻ به اسان کي ايندي آهي  تڙپائڻ به ايندو آهي. بلاڪ بسٽر فلم ايڪٽر ان لاءِ ۽ نامعلوم افراد جي پسنديدا جوڙي يعني فهد مصطفيٰ ۽ مهوش حيات ”لوڊ ويڊنگ“ هڪ دفعو ٻيهر گڏ نظر ايندا. واضح رهي ته پاڪستاني فلمن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن فلم جو اينيميٽڊ ٽيزر ريليز ٿيو آهي،  جنهن ڌم مچائي ڇڏي آهي.  فلم جي پهرين ٽيزر ئي ان ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏيو هو ته فلم جي مرڪزي اداڪار فهد مصطفيٰ کي شادي ڪرڻ جو شوق آهي جنهن لاءِ هو پنهنجي امڙ تي زور ڏئي رهيو آهي. فلم ”لوڊ ويڊنگ“ هڪ رومانوي مزاحيه فلم آهي جنهن ۾ پنجابي مزاح جو تڙڪو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. لوڊ ويڊنگ جو ٽريلر به تمام جلد جاري ڪيو ويندو جڏهن ته فلم هلندڙ سال عيدالاصحيٰ تي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ مسلمانن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويندو آهي: تاپسي پنو جو اعتراف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا تاپسي پنو اعتراف ڪيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے