دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ وزني ڊائنوسار جو ڍانچو هٿ

خبيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا ۾ ڊائنوسار جو خلائي شٽل جيڏو وڏو ۽ سڀ کان وزني ڍانچو هٿ آيو آهي. رپورٽن موجب ارجنٽينا ۾ ڊائنوسار جو هڪ نئون قسم هٿ آيو آهي، جنهن کي ”انجينشيا پرائما“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ان لاطيني لفظ جو مطلب ”پهريون وڏي قد“ وارو جانور آهي. 3 ڪروڙ سال قديم ان جانور جو وزن 10 ٽن جي لڳ ڀڳ هوندو، جيڪي گروهه جي صورت ۾ رهڻ پسند ڪندا هئا ۽ سبزي خور هئا. ماهرن جو چوڻ اسان کي ڪُل چئن ڊائنوسارز جا ڍانچا هٿ آيا آهن، جيڪو هيل تائين هٿ ايندڙ ڊائنوسارز جو هڪ نئون قسم آهي، تنهن ڪري ان کي نئون نالو به ڏنو ويو آهي. اهو نالو ان جي جسامت سان نسبت رکي ٿو. ڊائنوسار جو اهو نئون قسم حقيقت ۾ هڪ گروهه ”ساروپوڊو مورفس“ مطلب ڪرڙيءَ جي پيرن جهڙي ڊائنوسار واري قسم جي گروهه سان واسطو رکي ٿو، پوءِ اهي ارتقائي مرحلا طئي ڪري چئن پيرن واري جانور ۾ تبديل ٿيا. 10 ميٽر ڊگهي ڳچي ۽ ننڍي پُڇ وارا اها ڊائنوسار زمين تي هلندڙ سڀني جانورن کان وڏا ۽ وزني هئا پر سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو انهن کان به وڏا ۽ وزني جانور موجود رهيا هجن، جن جو هٿ اچڻ باقي آهي پر هيل تائين ٿيندڙ دريافتن ۾ ارجينٽينا مان هٿ ايندڙ اهو ڏانچو سڀ کان وڏو ۽ وزني آهي.27

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ترڪي کان غيرقانوني طور يونان ويندڙ ستونجاهه پرڏيهي گرفتار

انقرا: ترڪي جي ضلعي ازمير جي سامونڊي علائقي چشما جي کليل سمنڊ ۾ غير قانوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے