جاندار ڪردار واري فلم جي آڇ ٿي ته ضرور ڪم ڪنديس:نيلم منير

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل نيلم منير جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ سٺن موضوعن ۽ جاندار  ڪردارن واري فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته ضرور ڪم ڪنديس.  ميڊيا سان ڳالهائيندي نيلم منير چيو ته جڏهن هن  پنهنجي ڪيرئير پهرين فلم سائن ڪئي هئي ته ان جي عڪسبندي دوران ساٿي اداڪار احسن خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو تمام سٺو رهيو. شروع شروع ۾ اسان کي ڪجهه پريشاني ٿي پر پوءِ احسن خان جيڪو منهنجو سينيئر  آهي ۽ تجربيڪار پڻ ، هن منهنجي رهنمائي ڪئي. انڪري فلم پنهنجي ڪارڪرگي جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي. جن ماڻهن فلم ڏٺي، انهن طرفان ملندڙ موٽ منهنجي ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. اداڪارا چيو ته هن وقت اسان وٽ پڙهيل لکيل فلمسازن جو وڏو انگ موجود آهي. هي سمورا ماڻهو وڏي محنت ۽ دلچسپي سان فلمون پروڊيوس ڪرڻ ۾ لڳل آهن. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن هي ماڻهو سٺن ۽ منفرد موضوعن تي فلمون ٺاهين ته اسان جي سنيما گهرن جون ويرانيون گهٽجي سگهن ٿيو. اداڪارا چيو ته هو سمجهي ته فلمساز ن کي رڳو  سٺن فلمن سان غرض هوندو آهي. پوءِ ڀلي ان ڪو نئون دنڪار ڪم ڪري ۽ يا ڪو سپر اسٽار. هوئين به اڄ جيڪي سپر اسٽار آهن، اهي به ته ڪڏهن نون فنڪارن طور ڪم ڪندا رهيا آهن. انڪري فلمسازن کي سٺي فلم ٺاهڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ نيلم منير چيو ته سندس سڃاڻپ ڊرامن سان آهي، ڊراما ڪنهن به صورت ۾ نٿي ڇڏي سگهان. جيستائين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته هن وقت ڪنهن به هڪ شعبي جي چونڊ ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو. مونکي اداڪارا طور بس سٺو ڪم ڪرڻو آهي، پوءِ اهو ٽي وي تي هجي يا فلم ۾ .

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ مسلمانن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويندو آهي: تاپسي پنو جو اعتراف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا تاپسي پنو اعتراف ڪيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے