ترڪي کان غيرقانوني طور يونان ويندڙ ستونجاهه پرڏيهي گرفتار

انقرا: ترڪي جي ضلعي ازمير جي سامونڊي علائقي چشما جي کليل سمنڊ ۾ غير قانوني طريقي سان يونان وڃڻ جي ڪوشش ۾ مصروف 57 پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو. رپورٽن مطابق ترڪ سامونڊي محافظن هڪ اطلاع ملڻ تي اها ڪاروائي ڪئي، جنهن دوران ٽيم کليل سمنڊ ۾ هڪ پلاسٽڪ بوٽ کي روڪيو، جنهن تي سوار شامي، عراقي، فلسطيني ۽ يمني شهري سوار هئا. انهن سمورن پرڏيهين کي پوليس اسٽيشن آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ ملڪ بدر ڪيو ويندو.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*