اليڪشن ڪميشن پولنگ واري ڏينهن بنا رنڊڪ بجلي جي فراهميءَ لاءِ خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پولنگ واري ڏينهن بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي لاءِ سيڪريٽري پاور ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان لکيل خطن موجب 25 جولاءِ تي صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين پولنگ ٿيندي جنهن جي فوري بعد ڳڻپ جو عمل شروع ٿي ويندو. اليڪشن ڪميشن 25 ۽ 26 جولاءِ تي بجلي جي فراهمي جي هدايت ڪندي خط ۾ چيو ته چونڊ عمل کي هموار بڻائڻ لاءِ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ٻئي طرف ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ووٽنگ جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ اضافو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي کان شام پنجين وڳي تائين هوندو هو پر هاڻي شام 6 وڳي تائين وڌايو ويو آهي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*