اساما بن لادن جي اڳوڻي ذاتي محافظ کي جرمني مان تيونس ڊي پورٽ ڪيو ويو

جرمني:القاعده جي سربراهه اساما بن لادن جي اڳوڻي ذاتي محافظ کي جرمني مان تيونس ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق 42 ورهين جو تيونس جو رهواسي سميع اي 1997ع ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ جرمني ۾ رهڻ لڳو، جنهن کي عدالتي حڪم باوجود واپس تيونس اماڻيو ويو. جرمن عملدارن مطابق سميع اي کان 2006ع ۾ جاچ ڪئي وئي هئي، جنهن جي هڪ سال کانپوءِ ان جي سياسي پناهه واري درخواست به رد ڪئي وئي هئي، پر جرمن عدالت ان کي ملڪ بدر ڪرڻ کان روڪيو هو. واضح رهي ته سميع عدالت  ۾ ان خدشي جو اظهار ڪيو ويو ته واپس اماڻڻ سان ان تي تشدد ٿي سگهي ٿو. پر جرمن عملدارن کي عدالتي حڪم دير سان وصول ٿيو، ان وقت تائين سميع اي کي ڊي پورٽ ڪيو ويو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ترڪي کان غيرقانوني طور يونان ويندڙ ستونجاهه پرڏيهي گرفتار

انقرا: ترڪي جي ضلعي ازمير جي سامونڊي علائقي چشما جي کليل سمنڊ ۾ غير قانوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے