ادارن ۾ عوام جي ڪمائي جي ڦرلٽ لڳي پئي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: ( ويب ڊيسڪ ): چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار رمارڪس ڏنا آهن ته ادارن ۾ عوام جي ڪمائي جي ڦرلٽ لڳي پئي آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ پيٽروليم وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ ايم ڊي پي ايس او جي وڏي پگهار ۽ مراعتن جو نوٽيس وٺندي نيب ۽ ايف آءِ اي عملدارن کي سپريم ڪورٽ طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس ايم ڊي پي ايس او اڪرام الحق کان پڇاڻو ڪيو ته توهان 37 لک پگهار ڇو ٿا کڻو؟ منهنجي خيال آهي ته توهان گذريل حڪومت ۾ ڪنهن وڏي شخصيت جا دوست رهيا آهيو. ايم ڊي پي ايس او چيو ته مان ڪنهن جو دوست ناهيان. اٽارني جنرل ٻڌايو ته اڪرام الحق سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته ان کي پرڏيهه جي ڊگري ناهي، کيس آئل سيڪٽر جو ڪو تجربو ناهي، ان جي مقرري ڪنهن ڪئي؟ ايم ڊي پي ايس او اڪرام الحق ٻڌايو ته منهنجي مقرري جي منظوري ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف ڏني هئي، ان وقت پيٽروليم وارو وزير شاهد خاقان عباسي هو، اها آسامي اشتهار ذريعي آئي هئي. چيف جسٽس چيو ته توهان کي اها ئي دوستي سمجهائي رهيو هئس، مقرري جي بهترين ايجنسي کان جاچ ڪرائي وٺنداسين، توهان کي ڏسي مٿي پريشاني شروع ٿي وڃي ٿي. اٽارني جنرل چيو ته ان آسامي لاءِ 6 ماڻهو شارٽ لسٽ ٿيا ۽ سمري تيار ٿي هئي. ايم ڊي پي ايس او چيو ته انٽرويو ۽ اهليت جاچڻ کانپوءِ نجي ڪمپني جي سروس حاصل ڪئي وئي، عهدي جو مدو ٽي سال آهي، مقرري سيپٽمبر 2015ع ۾ ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عجيب ڌنڌو ٺاهيو ويو آهي ته نجي ڪمپنين کي چيو وڃي ٿو ته اسان لاءِ آفيسر ڳولهيو، گريڊ 20 جو آفيسر 2 لک پگهار کڻي ٿو، ڇو نه توهان کي عهدي تان معطل ڪري ڇڏيون، پاڪستان ۾ ان ريت جون شيون قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن، اڌ ڪلاڪ ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي سڏائي ان کان جاچ ڪرايون ٿا، ان جو مطلب آهي ته توهان وٽ ٻه ٽي مهينا ئي باقي آهن، اڪرام صاحب توهان سان زيادتي نه پيا ڪريون. ايم ڊي پي ايس او چيو ته او جي ڊي سي ايل جي سربراهه جي پگهار به 44 لک آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته مطلب ته سڀني جاين تي ڦرلٽ لڳي پئي آهي، وٺندا وڃو هن ملڪ جي ٽيڪس ڏيندڙن جي ڪمائي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*