ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي اميدوار پاران پ پ قيادت تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي اين اي 246 جي اميدوار محفوظ يار خان لياري ۾ احتجاج ڪندڙن تي پ پ جي ڪارڪنن پاران تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پهرين جولاءِ تي لياري واسي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا.درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙن تي پ پ جي ريلي ۾ شامل ماڻهن تشدد ڪيو .عدالت کي درخواست ذريعي آگاهي ڏني وئي آهي ته تشدد ڪندڙن تي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي .درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ، نبيل گبول ، شيري رحمان ، جاويد ناگوري ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي .

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*