ليجنڊري اداڪارا مڌو بالا جي حياتيءَ تي فلم ٺاهڻ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار مڌو بالا جي ڀيڻ مڌر ڀوشن سندس حياتيءَ تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. مڌو بالا بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ سندس شمار خوبصورت ترين اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي. اداڪارا جو اصلي نالو ممتاز جهان بيگم هو، جنهن 9 ورهين جي عمر ۾ ئي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ ڪيترين ئي بلاڪ باسٽر فلمن ۾ ڪم ڪيو. ماضيءَ جي خوبصورت اداڪارا رڳو 36 ورهين جي عمر ۾ ئي 23 فيبروري 1969ع تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي. هاڻ مڌر ڀوشن پنهنجي ڀيڻ مڌو بالا جي حياتيءَ تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ڀيڻ جي حياتيءَ تي فلم ٺاهڻ لاءِ ڪيترن ئي هدايتڪارن سان رابطي ۾ آهيان ۽ جلد ان حوالي سان حتمي فيصلو ڪنديس. هن چيو ته فلم ۾ مڌو بالا جي حياتيءَ جي هر پهلو کي سامهون آندو ويندو ۽ ڪوشش هوندي ته فلم ۾ حقيقت کي بيان ڪيو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ مسلمانن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويندو آهي: تاپسي پنو جو اعتراف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا تاپسي پنو اعتراف ڪيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے