دهشتگرد ڏڦيڙ پکيڙي امن کي تباهه ۽ چونڊ عمل کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا:ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته هو هارون بلور جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪري ٿو . هن چيو ته هارون بلور جي شهادت تي کيس دلي صدمو پهتو آهي ۽ هو حملي جي مذمت ڪري ٿو . هن چيو ته دهشتگرد ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙي امن کي تباهه ۽ چونڊ عمل کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري مان کيس تمام وڏيون اميدون آهن بلاول ملڪ کي خوشحال بڻائيندو .هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي شڪل ۾ نوجوان اڳواڻ ملي ويو آهي ان مان وڏيون اميدون آهن ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اوليت جي بنياد تي ڪراچي جا مسئلا حل ڪندو .

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*