آصف زرداري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي ڏک ٿيو: اعتزاز احسن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته آصف زرداري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي ڏک ٿيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته آصف زرداري اڃان جوابدار ناهي، ڪا به ريفرنس ناهي، آصف زرداري جي خلاف چارج شيٽ جاري  ٿي ۽ نه ئي جرح ٿي. نواز شريف لنڊن ايندو ويندو رهندو آهي سندس نالو اي سي ايل ۾ ناهي وڌو ويو، زرداري به اڳوڻو صدر آهي ۽ کيس  به رعايت ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي ڏک ٿيو آهي.

; admin

ر :

بصروں کا جائزہویب سائٹ *

*